اسلام آبادپاڪستان

100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ جو بل 1836 رپين تائين ايندو

اسلام آباد ؛آءِ ايم ايف جي شرط تي بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا واڌ کانپوءِ 100 يونٽ استعمال ڪندڙن جو ماهوار بل 1836 رپين تائين پهچي ويندو. جنهن ۾ ٽيڪسز ۽ ٻيا چارجز شامل ناهن. وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا 96 پيسا في يونٽ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت بنيادي ٽيرف ۽ بار جو فيصلو سبسڊي کي مدنظر رکندي ڪندي. نيپرا جي فيصلي تي عمل ٿيڻ جي صورت ۾ گهريلو صارفين تي سليب وائز جو بار پوندو، 100 يونٽن جو ماهوار ٽيرف 13 ڏهائي 3 مان وڌي 18 ڏهائي 36 رپيا في يونٽ ٿيندو ۽ 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارف جو بل 1836 رپيا اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button