اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايل پي جي مهانگي،گهريلو سلينڊر 220 ۽ ڪمرشل سلينڊر 400 رپيا مهانگو

اسلام آباد؛گيس مافيا ايل پي جي جي قيمت ۾ 10 رپيا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي قيمت 220 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.
ايل پي جي جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ گهريلو سلينڊر 220 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 400 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي. ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب جابلو ۽ ڏورانهين علائقن ۾ گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ 310 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب گهريلو سلينڊر جي اگهه ۾ 310 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ اوگرا سرڪاري اگهه تي گئس فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ايل پي جي جي غريب دڪاندارن خلاف آپريشن بند ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.گيس مافيا اوگرا، وزيراعظم ۽ اوگرا پاران جاري ڪيل اگهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ايل پي جي جي بليڪ مارڪيٽنگ جو نوٽيس ورتو وڃي. عرفان کوکر مطالبو ڪيو ته ايف آءِ اي رياستي امپورٽر ڪمپني ايس ايس جي سي جو رڪارڊ ضبط ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي ٽيمون جوڙي، گيس ڪاريگرن جا لائسنس رد ڪري 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. ٻئي طرف گيس مافيا لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اوگرا کي کليل چئلينج ڪري ڇڏيو آهي ته هو ايل پي جي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button