جاتي ۾ واٽر سپلا جي تلائن جي ٽٽل چوديواري ڪيترائي سال گذرڻ باوجود اڃا تائين تعمير نه ڪرائي وئي آهي، انتظامي غفلت سبب شهر جي 50 ھزار آبادي کي ڍورن جي پيشاب ۽ ڇيڻن وارو ھاڃيڪار پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آھن. ان حوالي سان واٽر سپلا عملي جو چوڻ آھي ته تلائن جي چوديواري ٽٽل آھي جتان ڀر واري ڳوٺن جا ڍور اندر اچيو وڃن، جيڪي پاڻي ۾ غلاظت ڇڏين ٿا، اسان ڳوٺاڻن کي چوپايو مال واٽر سپلا جي تلائن ۾ ڇڏڻ کان روڪيو آھي پر اهي اسان جي نٿا مڃين. رابطي ڪرڻ تي انچارج ٽائون ڪميٽي جاتي سجاد جت چيو ته ھن کان اڳ ڪجھه سال واٽر سپلا جو نظام پبلڪ ھيلٿ کاتي حوالي ٿيل ھو ۽ تلائن جي چوديواري تڏهن جي ٽٽل آھي، جتان چوپايو مال تلائن ۾ اچي ٿو، ضلعي چيئرمين سجاول دانش ملڪاڻي ڪجھه ڏينھن اڳ تلائن جو جائزو ورتو آھي، ٽٽل چوديواري جلد تعمير ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close