سعود شڪيل ۽ سلمان علي آغا شاندار ففٽين ۽ 160 رنسن جي ڀائيواري سان پاڪستان جي لوڏن ۾ آيل بئٽنگ لائين کي سهارو ڏئي ڇڏيو، گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن سريلنڪا جي 312 رنسن جي جواب ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 221 رنسون ٺاهي ورتيون. سريلنڪا جي ٽيم 242 رنسون 6 رانديگر آئوٽ کان پهرين اننگز کي اڳتي وڌايو ته 312 جي مجموعي اسڪور تي ڍينگو ڍيري ٿي ويو. ڌننجيا ڊي سلوا شاندار سينچري مڪمل ڪئي، جنهن کي نسيم شاهه 122 رنسن تي آئوٽ ڪيو، ٻيا بئٽر گهڻي دير ڪريز تي نه بيٺا. پاڪستان جي بالنگ اٽيڪ مان شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ ابرار احمد 3- 3 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جڏهن ته سلمان علي آغا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان پهرين اننگز شروع ڪئي ته ٽاپ آرڊر فيل ٿي ويو ۽ 101 رنسن تي اڌ ٽيم پويلين ڀيڙي ٿي وئي. امام الحق هڪ، عبدالله شفيق 19، شان مسعود 39، ڪپتان بابر اعظم 13 ۽ وڪيٽ ڪيپر بئٽر سرفراز احمد 17 رنسون ٺاهي واپس موٽيا. ڇهين وڪيٽ تي سعود شڪيل ۽ سلمان علي آغا 160 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، سعود 69 ۽ سلمان علي آغا 61 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا. پاڪستان تي اڃا 91 رنسن جو قرض چڙهيل آهي. ٻئي طرف گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جون 3 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. سرفراز 3000 رنسون پنهنجي 52 هين ٽيسٽ ۾ مڪمل ڪيون آهن، هو هيل تائين 21 ففٽيون ۽ 4 سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close