پاڪستانسنڌ

ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي: ناصر شاهه

ڪراچي: سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو 16 هون اجلاس بلديات کاتي سنڌ جي آفيس ۾ منقعد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار ۽ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري بلديات سنڌ نجم شاھه، سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ جو ميئنيجنگ ڊائريڪٽر زبير چنا ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.

اجلاس ۾ ڪراچي جي مختلف ضلعن مان ڪچرو کڻڻ لاءِ ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ قاعدن ۽ ضابطن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ڪچرو کڻندڙ ڪمپنين جي تفصيلن بابت آگاھه ڪيو ويو.

ان موقعي تي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه هدايتون ڏنيون ته ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ ۽ شهر ۾ صفائي جي عمل جي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي مرڪز ۽ سنڌ جي گاڌي جي هنڌ ڪراچي جي صفائي سٿرائي جي نظام کي بين الاقوامي گھرجن مطابق هلائڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن هدايت ڏني ته ان مقصد جي لاءِ بلدياتي آفيسر پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻين ۽ محنت سان ڪم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button