سنڌ

مٺي ۾ آر او پلانٽ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ٿر ۾ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل آر او پلانٽ ملازم ڇهن مهينن کان پگهارن کان محروم آهن، اوسلو ڪمپني کي حڪومت پاران ڪروڙين روپيا جاري ڪرڻ باوجود نه پلانٽ هلائي سگهي آهي نه وري ملازمن کي پگهارون ڏيئي سگهي آهي،جنهن سبب آپريٽر پگهارن لاءِ دربدر ٿي ويا آهن، اُن سلسلي ۾ گذريل ڏينهن مٺي ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. اُن موقعي تي ملازم آپريٽرن عرفان علي بجير، محمد جميل، مقبول،مجيد فقير، دودو سومرو، موهن، رميش ۽ ٻين چيو ته اسان کي 6 مهينن کان رهيل پگهارون اوسلو ڪمپني نٿي ڏي، اڳ ۾ ڇهن مهينن جون پگهارون پاڪ اوسيئس ڪمپني وارا کائي ويا، هاڻي اوسلو ڪمپني وارا ڪروڙين روپين جي بجيٽ ملڻ باوجود پگهارون نٿا ڏين، اسين دربدر ٿي ويا آهيون، احتجاج ڪري ٿڪي پيا آهيون پر ڪير دانهن نٿو ٻُڌي، اوسلو ڪمپني وارا آر او پلانٽس جو رُڳو ٺيڪو کڻي پلانٽ هلائي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ بدران ڪرپشن ڪري بجيٽ پيا هڙپ ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button