سنڌ

ڀاڻ سان فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو:نياز احمد

ايف ايف سي طرفان لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ريلڻ ابڙو ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ متوازن ڀاڻ جي استعمال تي هارين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي 100 کان وڌيڪ آبادگارن ۽ زميندارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايف ايف سي لاڙڪاڻي جي هيڊ ايگري سروسز نياز احمد چيو ته فصلن ۾ متوازن زرعي ڀاڻ جي استعمال سان فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، متوازن ۽ بروقت زرعي ڀاڻ جي استعمال سان فصلن جي پيدوار سان آبادگارن ۽ هارين کي مالي فائدو ٿيندو ۽ جاري ڪيل صغيره سونا زنڪ ۽ سونا بوران جي استعمال سان پيدوار ۾ خاطر خواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ اضافي خرچن کان به بچي سگهجي ٿو. هن ايف ايف سي جي مفت زمينن جي تجزيي جي سهولتن بابت پڻ آگاهي ڏني. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو اسد الله سولنگي آبادگارن کي گورنمينٽ طرفان ڏنل سهولتون جي بابت آگاهه ڪيو. گڏجاڻيءَ ۾ زميندار اصغر علي ابڙو، فرمان عباسي، عمران جروار ۽ محمد خان ميراڻي شرڪت ڪري خيالن جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button