سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪورٽ ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي

سيشن ڪورٽ ٻاهران هٿياربندن فائرنگ ڪري دڙي محلي واسي نوجوان پاشاهه احمداڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي پوليس کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو. زخمي جي وارثن ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ خروس برادري جي هٿياربندن پاشاهه احمداڻي جي ننڍي ڀاءُ بابر احمداڻي کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس پاشاهه جي فرياد تي دڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جيڪو ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، جنهن جي حاضري تي پاشاهه آيل هو، حاضري بعد جيئن ٻاهر نڪتو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد اسپتال ٻاهران پوليس نفري پهچي وئي ۽ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button