
شاهپورجهانيان:ٺل مير رڪڻ ڀرسان ڳوٺ هوت جو واهڻ جي رهواسڻ بينظير انڙ کي سنڌ سرڪار ورلڊ بينڪ جي تعاون سان پرائمري تعليم جي سڌاري لا شهيد بينظير آباد ۾ ضلعي آفيسر مقرر ڪيو آهي. سماج سڌارڪ بينظير انڙ ھاري بشير احمد انڙ جي نياڻي آھي، جنھن سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سوشالاجي ۾ ڪئي. هن پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ پي آر پي ۾ پڻ ڪم ڪيو. ان حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي بينظير انڙ چيو ته الله پاڪ ڪنهن جي به محنت رائيگان نٿو ڪري، اسان کي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ گهرجي.