پاڪستانسنڌ

پنوعاقل واسي جو ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ڏانهن پيادل مارچ

اڳڙا:پنوعاقل تعلقي جي ڳوٺ حسين ڪلوڙ واسي غلام مصطفيٰ ڪلوڙ ڳوٺ کان پيادل مارچ شروع ڪري پريس ڪلب گمبٽ آڏو ھڪ انوکو ڪفن پوش بڻجي احتجاج ڪيو. ھن چيو ته اسان جي ڳوٺ توڙي علائقي ۾ ڪنھن به قسم جا ترقياتي ڪم نه ٿيا آھن ۽ علائقي جو عوام بنيادي حقن ۽ سھولتن کان محروم آھي. ڪفن پوش بڻجي ايم اين اي خورشيد شاھه، نعمان اسلام شيخ، ڄام اڪرام ڌاريجو، اويس قادر شاھه ۽ ناصر حسين شاھه جي ڪراچي آفيسن آڏو دانھن کڻي احتجاج لا نڪتل آھيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button