سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه واسين جو نوجوان جي گرفتاري خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه جي جوڻيجا پاڙي واسين مبينا پوليس هٿان گرفتار ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت ممتاز علي گوپانگ پنهنجي پٽ مشتاق علي، پوٽي علي اڪبر، پڦڙ حاجي بچل گوپانگ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان انتهائي غريب آهيان، مونکي 15 ٻارن جي اولاد آهي، ٻني تي پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته 13 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي پوليس پاڙي ۾ بيٺل پورهيت پٽ مير مرتضيٰ گوپانگ کي بيگناهه گرفتار ڪري پٽ مٿان 3 ڪيس ڏوڪري ٿاڻي تي، هڪ ڪيس رشيد وڳڻ ٿاڻي تي ۽ هڪ ڪيس تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪرڻ بعد کيس سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آهي. منهنجو پٽ باڊهه ۾ سبزي جي ريڙهي هلائي گذر سفر ڪندو هو، جيڪو ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث ناهي، خبر ناهي ته پوليس اهڙو ظلم ڇو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button