پاڪستانسنڌ

ڪوٽڏيجي ويجھو محبت واھه کي 40 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ

ڪوٽڏيجي:ڪوٽڏيجي ويجھو محبت واھه کي 30 کان 40 فوٽ گهارو لڳڻ ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. رپورٽ موجب ڪوٽڏيجي ويجهو محبت واھه کي 30 کان 40 فوٽن جو گھارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل لڙھي ويو. لياري اسٽاپ ڀرسان گھارو پوڻ ڪري پاڻي جو وھڪرو مھراڻ نيشنل ھاء وي روڊ ۽ گھرن ڏانهن وڌڻ ڪري ڳوٺاڻا پريشان ٿي ويا. جڏهن ته گھارو لڳڻ ڪري ڀرپاسي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ، ڪمند سميت مختلف فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا. ھوڏانهن ڳوٺاڻن حاجي نواب ڪانڌڙو، شھزادو، غلام اڪبر، مولا بخش ۽ ٻين آبادگار آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي نااھلي جي ڪري واھه کي گھارو لڳو آهي، فوري اطلاع ڏيڻ باوجود عملو نه پھتو ۽ نه ئي پاڻي جو وھڪرو گھٽايو ويو. ھنن مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ھوڏانھن اطلاع ملڻ باوجود آبپاشي عملدار 12 ڪلاڪ دير سان گھاري واري ھنڌ پھتا، جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي محمد عاصم عباسي پاران ھيوي مشينري ذريعي ۽ آبپاشي عملدارن ۽ ڳوٺاڻن گڏجي گھارو بند ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button