سنڌ

سنڌ جون نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهن:معظم علي عباسي

لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي معظم علي خان عباسي شهر جي الهه آباد پاڙي ۾ پورهيت اڳواڻ عبدالعزيز عباسي جي لاڏاڻي تي سندس وارثن، شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ جنگي خان مغيري سان سندس امڙ، عمران شاهه سان سندس ڀاڻيجي ۽ ليبر ڪالوني ۾ ممتاز بروهي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي بعد ۾ هن شهرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم پي اي معظم علي خان عباسي چيو ته سنڌ ۾ سنڌ جون نياڻيون انصاف لاءِ دربدر آهن پر سنڌ حڪومت جا وزير ۽ مشير بي اختيار ۽ شو پيس بڻيل آهن جن کي عوام جي ڪا ئي به پرواهه ناهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ادارن ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم نه پيو ٿئي وڏي ڳالهه آهي ته جن ماڻهن جا جائز ڪم آهن اهي به ڪم نه پيا ٿين. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن لاءِ آيل رقم سياسي منشي هڙپ ڪري رهيا آهن ۽ نيب مان ضمانتون ڪرائي آزاديءَ سان ڪرپشن ۾ مصروف آهن پر کائن ڪير پڇا ڪرڻ وارو به ناهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جو ايم اين اين لاپته آهي کيس لاڙڪاڻي واسين جو ڪو به فڪر ناهي هو صرف گڏجاڻيون ڪري هدايتون جاري ڪندو آهي باقي حقيقت ۾ عوام بي يارد مددگار بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button