پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو جي گمشدگي خلاف بک هڙتال

نوابشاھه:نوابشاهه ۾ شاگرد اڳواڻ ذاڪرسھتو جي جبري گمشدگي کي ٽن مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو، ادارن ڪو به نوٽيس نه ورتو. ڪالهه جبري گمشدگي خلاف نوابشاهھ پريس ڪلب ٻاھران 100 ڏينھن به اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وارثن سرفراز ميمڻ، راجا سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک ھڙتال جاري رکي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عالمي انساني حقن جي ادارن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ اندر قومي تحريڪ سان واڳيل نوجوانن جون زندگيون داءُ تي لڳائڻ جي سازش ۾ ملوث ماڻهن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذاڪر سھتي سميت کنڀي لاپتا ڪيل ڪارڪنن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button