پاڪستانسنڌ

مختلف شهرن ۾ برسات جاري، وڄ ڪرڻ سبب 2 ماڻهو فوت

حيدرآباد: مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات پئي. ڇاڇري ۽ چوهڙ جمالي ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورهيت ۽ نوجوان فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ هلڪي بوندا باندي ٿي، جڙيالي موسم سبب شام جي وقت گرمي جو زور ٽٽي پيو. بدين ۾ تيز وسڪارو پيو، جيڪو ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، جنهن سبب شهر جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته بند ٿيل بجلي 20 ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي. سيوھڻ ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ واري لھر بعد شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪنھن وقت تيز ۽ ھلڪي برسات پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جڏهن ته برسات پوڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. ٻئي طرف برسات جي ھلڪي وسڪاري کانپو بجلي غائب ٿي وئي. ڇاڇرو ويجهو برسات دوران گهر تي وڄ ڪري پئي، 2 مهينا اڳ پرڻيل نوجوان فوت ٿي ويو. ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ مٺڙيو ميگھواڙ ۾ برسات دوران گهر تي وڄ ڪرڻ سبب 22 ورهين جو نوجوان دليپ پٽ عالم ميگھواڙ فوت ٿي ويو، گهر تي وڄ ڪرڻ بعد زخمي حالت ۾ نوجوان کي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، نوجوان جي 2 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. چوهڙ جمالي ويجهو درگاهه پير ابن شاگھ قريشي لڳ ڳوٺ پيروز رند جو رهواسي 50 سالن جو پورھيت ٻڍو رند پنهنجي گهرواري سان گڏ زمين ۾ سارين جو رونبو ڪري رهيو هو ته اوچتو وڄ ڪرڻ سبب پورهيت ٻڍو رند موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس گهرواري زينت رند سخت زخمي ٿي پئي، پورهيت جو لاش ۽ سندس زخمي زال کي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button