پاڪستانسنڌ

پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ تي حملو، 2 ڄڻا قتل، 7 زخمي، 3 عورتون اغوا

پنوعاقل: پنوعاقل ۾ پريمي جوڙي جي گهران نڪرڻ بعد سوين هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 ڄڻا قتل، 7 زخمي، 3 عورتون اغوا، لاش رکي قومي شاهراهه بلاڪ. تفصيل موجب پنوعاقل ۾ پريمي جوڙي وسيم ڪلهوڙو ۽ امام زادي مهر جي گهران نڪري وڃڻ بعد سوين هٿياربندن ڳوٺ امير بخش ڪلهوڙو مٿان حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ غفار ڪلهوڙو قتل ٿي ويا. جڏهن ته هڪ نينگري سميت ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ 10 ورهين جي شهربانو ڪلهوڙو، شڪيل ڪلهوڙو، عبدالرسول ڪلهوڙو، غني مهر، پيراڻو مهر، غلام محمد مهر ۽ هڪ واٽهڙو اعجاز جتوئي شامل آهن. جڏهن ته اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقي اسپتال کڻائي پهتي. ٻئي طرف مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي وارثن لاش رکي قومي شاهراهه روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو. مقتول جي وارثن ٻڌايو ويو ته مهر برادري جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد 3 عورتن کي اغوا ڪيو آهي، جيستائين اسان جي عورتن کي پوليس آزاد نه ڪرائيندي تيستائين روڊ نه کوليو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button