پاڪستانسنڌ

پريالو ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

پريالو: پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ محمود اوڍو ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 سالن جو ڳڀرو نوجوان عيدن پٽ غلام مصطفيٰ اوڍو موقعي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس پھچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پير جو ڳوٺ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. جڏهن ته مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ مقتول عيدن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان باغ ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين ته نورل اوڍو واري ڌر جي هٿياربندن اوچتو حملو ڪري عيدن اوڍو تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نوجوان قتل ٿي ويو آهي. ٻي طرف علائقي واسين ٻڌايو ته هڪ سال اڳ نورل اوڍو واري ڌر جو نوجوان ممتاز پٽ عبدالغفور اوڍو قتل ٿيو هو، جنهن جو الزام مقتول نوجوان واري ڌر مٿان هو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button