پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ويجهو جوابدار ڀا ڪارنهن الزام ۾ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

سنڌڙي: سنڌڙي ويجھو ڪارنھن الزام ۾ جوابدار هٿان ڀيڻ گوليون هڻي قتل. تفصيل موجب سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي آچر شر ۾ جوابدار ڀا سالڪ شر ڪارنھن الزام هيٺ پنھنجي شادي شده ڀيڻ جميعت زال الله بخش شر کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع بعد سنڌڙي پوليس لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب 9 ڪلاڪن تائين لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگھيو. ٻئي طرف وارث اسپتال جي عملي کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لا منٿون ڪندا رهيا. هوڏانهن سنڌڙي پوليس ٻڌايو ته جوابدار سالڪ شر پنھنجي ڀيڻ کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪيو آھي، جوابدار جي گرفتاري لا ٽيمون جوڙيون آھن، جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button