اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي پرڏيهي وزير جو بلاول سان رابطو،معيشت ۽ افغان معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد :آمريڪي پرڏيهي وير انٽوني بلنڪن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پاڪستاني معيشت ۽ افغانستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب انٽوني بلنڪن پاڪستاني پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن ۾ تعميري ڀائيواري قائم رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. انٽوني بلنڪن چيو ته پاڪستاني عوام دهشتگردي سان سخت متاثر آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار جاري رکنداسين. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن روس جي يوڪرين خلاف جاري جنگ جي اثرن سميت امن ۽ مستحڪم افغانستان جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ انٽوني بلنڪن چيو ته بلاول ڀٽو سان هاڪاري گفتگو رهي، پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ علائقائي، خاص طور افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آمريڪا پاڪستان سان هاڪاري، جمهوري ۽ تعميري لاڳاپن جي حمايت ڪري ٿو.جڏهن ته پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ هاڪاري رفتار جو جائزو ورتو، ڌرين امن، سلامتي ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعميري رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button