اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

200 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري حڪومت ڏانهن اماڻي وئي

اسلام آباد : ملڪ ۾ ضروري دوائون دستياب نه هجڻ واري معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ٻڌايو آهي ته عدم دستياب دوائن جي اوليتي بنيادن تي رجسٽريشن ڪئي ويندي ۽ 200 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري حڪومت کي اماڻي وئي آهي. دل جي مرضن جي ماهرن مطابق سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي ضروري ۽ جان بچائيندڙ دوائون دستياب نه آهن. ملڪ ۾ هن وقت انجيو گرافي ۾ استعمال ٿيندڙ ڊائي جي به کوٽ آهي. ماهرن مطابق اصلي دوائن جي عدم موجودگي سبب جعلي ۽ اسمگلڊ دوائون سپلائي ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button