اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي چيئرمين اليڪشن ڪميشن ۾ پيش،فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

اسلام آباد: توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين پيش ٿي ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي 2 آگسٽ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي شنوائي ٿي. اسلام آباد پوليس طرفان تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري وارنٽ تي عمل جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي. اليڪشن ڪميشن ميمبر اڪرام الله خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ وڪيل کي ڇو ڏنا ويا؟ ڇا توهان کي طريقي جي خبر ناهي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي وارنٽ ڇو ڏنا ويا؟ فواد چوڌري چيو ته منهنجو اهو ئي موقف آهي جيڪو ٻئي ڪيس ۾ هو. تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا 5 ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ آهن، جيئن هو فري ٿيو ته پيش ٿي ويندو. وقفي کانپوءِ ڪيس جي شنوائي ٻيهر شروع ٿي ته پي ٽي آءِ چيئرمين به پيش ٿي ويو. وڪيل چيو ته اسان حاضر ٿي ويا آهيون، آرڊر جي ڪاپي نه ملي، مون وٽ رڪارڊ مڪمل ناهي، اڳ ۾ ٻيا وڪيل هئا هاڻ مان آهيان، شنوائي سيپٽمبر تائين ملتوي ڪيو. اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني چيو ته 2 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ڪنداسين، ايندڙ شنوائي تي به پي ٽي آءِ چيئرمين ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي شنوائي 2 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button