پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ هندوئن طرفان ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا منعقد

مٺي:مٺي ۾ هندو برادري جي نوجوانن پاران ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا ۽ نياز لنگر جو اهتمام ڪري مذھبي رواداري جي صدين کان قائم روايت کي برقرار رکيو. مٺي جي ڪنڊل شاھه امام بارگاهه تي هندو برادري پاران منعقد ڪيل مجلس عزا ۾ ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيئرمن ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي سميت وڏي انگ ۾ واپارين، شھرين ۽ عزادارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته هندو برادري پاران ڪرايل مجلس عزا ۾ ذاڪرن مظلوم ڪربلا جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندن قربانين تي ڀيٽائون پيش ڪيون. هوڏانهن سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد رجب فقير پاران پڻ سندس گهر تي الڳ مجلس عزا ۽ نياز ننگر جو اهتمام ڪيو ويو، مجلس ۾ ذاڪر مصطفيٰ علي عرفاڻي خطاب ڪيو. جڏهن ته مجلس ۾ سنڌ جي راڳين زوار فقير، رجب فقير، عباس فقير، زبير فقير، جاويد مراد فقير ۽ ٻين قصيدا پيش ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button