پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار مان 22 ڏينهن کان اڳ گم ٿيل ڇوڪري جي بازيابي لا احتجاج

ٽنڊوالهيار:ٽنڊوالهيار مان 22 ڏينهن کان اڳ گم ٿي ويل ڇوڪري فرحانا جي بازيابي لا فرزانا اوٺو، الهرکيو اوٺو، عبدالجبار، شوڪت، شفيع محمد اوٺو سان گڏ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي محمد حسن اوٺو، فرزانا اوٺو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 22 ڏينهن اڳ اسان جي نياڻي فرحانا اوٺو ٽنڊوالهيار شهر جي ميرواهه روڊ تي دوا وٺڻ لا آئي هئي جنهن کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن. اسان حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس بازياب ڪرائڻ لا ڪي به ڪوششون نه پئي وٺي. هنن چيو ته اسان چمبڙ ويجهو ڳوٺ ونگي اوٺا جا رهواسي آهيون، فرحانا ڀيڻ سان گڏ ڳوٺان کان ٽنڊوالهيار دوا وٺڻ آئي هئي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button