پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ۾ ڌرڻو هڻندڙ ڪاليج جي 5 استادن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو

ڏهرڪي: ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج انتظاميا ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ پنج استادن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪاليج ۾ داخلا تي به پاپندي لڳائي وئي. خبر موجب ڏهرڪي جي رهڙڪي روڊ تي صنعتي ادارن جي سهڪار سان قائم ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج انتظاميا طرفان ڌرڻي تي ويٺل پنج استادن علي نواز سميجو، تهتير ملڪ، محمد احمد رحماني، آفتاب ڀٽو ۽ عباس سومرو کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ڪاليج جي ايڊمن مئنيجر مظفر مغل طرفان ڌرڻي تي ويٺل استادن طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊمن مظفر مغل ٻڌايو ته ڪاليج ۾ ڪجهه ماڻهو انتظاميا ۽ شاگردن کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سان شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي. هن چيو ته شاگردن کي معياري تعليم نه ڏني پئي وئي ۽ استادن طرفان شاگردن جون ڪلاسون نه پيون ورتيون ويون. استادن طرفان چارٽر آف ڊيمانڊ تي 90 سيڪڙو عمل پڻ ڪيو ويو. هن الزام هنيو ته استاد ۽ ٻيو عملو ڪاليج جي اسٽور روم ۾ داخل ٿي اسٽور انچارج سان بداخلاقي ڪري 15 ليپ ٽاپ چوري ڪري ٻاهر نڪري آيا. بورڊ کي لکيو آهي، جنهن بعد علي نواز سميجو، تهتير ملڪ، عباس سومرو، آفتاب ڀٽو ۽ محمد احمد رحماني کي برطرف ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button