پاڪستانسنڌ

نوابشاهه جي اسڪولن ۾ استادن،عملي ۽ سهولتن جي کوٽ آهي:ڊي سي

نواب شاھه: ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور چيو آهي ته ڪنهن به قوم جي ترقي بهتر بنيادي تعليم کانسواءِ ممڪن ناهي، انهي ڪري ضلعي ۾ ٻارن جي تعليم جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قائم ڪميٽي پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ درٻارهال ۾ تعليم بابت قائم ڊسٽرڪٽ اوور سائيٽ ڪميٽي جي ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن، عملي ۽ سهولتن جي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري ٻارن جي تعليم جو نقصان ٿي رهيو آهي. تعليم کاتي جا آفيسر دورا ڪري استادن ، عملي ۽ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي جي انتظامن کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته جن استادن جي ڊگهي عرصي کان ڊيوٽي تان غير حاضري آهي، انهن کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ لاءِ سفارشون ۽ اسيسمينٽ تفصيلي رپورٽ تيار ڪري ڪميٽي حوالي ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن تي زور ڏنو ته نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button