پاڪستانسنڌ

نوابشاهه ۾ کنڀيل نوجوان بازياب نه ٿيو،پيرسن ما روئي روئي بيحال

نوابشاھه :)نوابشاهه ۾ شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج جاري آهي. ڪالهه سندس پيرسن ما روئي روئي ٻچڙي جي جدائي ۾ بيحال ٿي وئي. ان حوالي سان نوابشاهھ پريس ڪلب ٻاھران 101 ڏينھن به قومي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وارثن سرفراز ميمڻ، راجا سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک ھڙتال جاري رکي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان جي مسلسل پر امن احتجاج کي ملڪي ادارا ذاڪر سھتي سميت کنڀي لاپتا ڪيل قومي ڪارڪنن جي حوالي سان ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آھي. اسان سنڌ امڙ جا وفادار فرزند آھيون، اھڙا قدم اسان جي فڪر، نظريي ۽ قومي سوچ کي ڪڏھن به ڪمزور نه ڪري سگھيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته ذاڪر سھتي سميت کنڀي لاپتا ڪيل ڪارڪنن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button