پاڪستانسنڌ

سنڌ جو برک ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ هميشه لاءِ وڇڙي ويو

سکر:سنڌ کي سائنس، فلسفي، ناول ۽ ڪهاڻين جا 32 ڪتاب ڏيندڙ برک ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ هميشه لاءِ وڇڙي ويو. برک اديب ۽ دانشور جي وڇوڙي تي ادبي حلقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. گذريل ڏينهن 32 ڪتاب ڏيندڙ سنڌ جو برک اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ پيٿالوجسٽ پروفيسر رسول ميمڻ 65 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي. سندس ڀائٽيي شعيب ميمڻ ٻڌايو آهي ته پروفيسر رسول ميمڻ محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص ۾ ڪلاس وٺڻ لاءِ ڪاليج ۾ ترسيل هو. ڪالهه اربع ڏهاڙي منجهند 2 وڳي تائين ڪمري مان ٻاهر نه نڪرڻ تي پرنسپال ۽ عملي پاران دروازو ٽوڙيو ويو ته هو ابدي ننڊ سمهي چڪا هئا، کيس سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پڻ سندن موت جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽر ٻڌايو ته سندن موت رات جو دير سان دل جو دورو پوڻ ۽ شگر ليول گھٽجي وڃڻ سبب ٿيو آهي. مڙهه سندس پٽ رميز ۽ ٻيا وارث ڪراچي کڻائي ويا، جتي اڄ سعدي ٽائون ڪراچي ۾ واقع سندن رهائشگاهه تي جنازي نماز پڙهي ويندي. تڏو پڻ ڪراچي واري رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي. پروفيسر رسول ميمڻ سنڌ کي سائنسي فلسفي تي لکيل ٽن ڪتابن “الف کان اڳ، پليسبو ۽ نوسيبو” سميت ڪهاڻين، ناولز ۽ شاعري تي ٻڌل 32 ڪتابن جو خزانو ڏنو. سندس ناولز تي مشتمل ڪتابن ۾ “اوڻويهه عورتون، نجومي، قالو بلا” ۽ ورهاڱي جي پسمنظر ۾ پراڻي ڪراچي تي لکيل ناول “اک ڇنڀ” شامل آهن. جڏهن ته سندس ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتابن ۾ “ابابيل جي آخري اڏام، امن جي نالي، اوجاڳي جا خواب، حليمان، روشنيءَ جو مينار، سونو ڏند، عجيب وارتائون، عشق جو آسيب، فونو، وقت جو بادشاهه، چچريل زندگيءَ جا قافلا، کليل دري، ڪافر ديوتا، ڪرفيو ۾ اڏامندڙ ڪاغذ”شامل آهن. شاعري ۾ هن ٻه ڪتاب لکيا جنهن ۾ “اُوشا جي آشا ۽ ساڌ ٻيلي جا گيت” شامل آهن. ان کانسوا ڇپيل ڪهاڻين ۾ امن جي نالي’ 1977ع)، ڪـافـر ديــوتا’ (1979ع)، ‘چـچـريل زندگين جا قافلا’ (1981ع)، ‘ابابيل جي اڏام’ (علامتي ڪهاڻيون: 1993ع) ‘فونو’ (2010ع) ‘اُوشا جي آشا’ (شاعري:1979ع) ‘ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن’ (ترجمو:1988ع) سونو ڏند (ڪهاڻيون: 2012ع)، عسق جي آسيب (ڪهاڻيون: 2012ع) حليمان (ڪهاڻيون: 2013ع) اڻويهه عورتون (ناول:2017ع) قالو بلا (ناول: 2013) نوسيبو (فلسفو)، اوجاڳي جا خواب (ڪهاڻيون)، عجيب وارتائون (ڪهاڻيون)،کُليل دري (ڪهاڻيون)، الف کان اڳ (فلسفو)، روشني جو مينار (ڪهاڻيون) ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button