سنڌ

ڪراچي مان کنڀيل شاگرد آڪاش سرگاڻي جي آزادي لائي مظاهرا

ڪراچي جي باقي ڪورنگي واري علائقي مان 48 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل ميٽرڪ جي شاگرد آڪاش سرگاڻي جي وارثن پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل شاگرد جي ڀاءُ حسنين سرگاڻي، ناني دادلي خاتون، ماسي راڻي خاتون، ماسي ناهيد، پڦي وزيران ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان اصل ڏوڪري جي ڳوٺ صوبدار سرگاڻي جا رهواسي آهيون، پر 20 سالن کان ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ رهائش پذير آهيون. 7 آڪٽوبر تي ويگو گاڏين ۾ سوار اهلڪار کنڀي کڻي ويا آهن، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي.صدمي ۾ سبب ما بيماري جي بستري تي پيل آهي، آڪاش جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي ۽ نه ئي ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي، اسان سندس آزادي لا ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي پر اڃا تائين ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. هن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل آڪاش سرڪاڻي کي آزاد ڪري پريشاني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي. ٻئي طرف ميهڙ ۾ آڪاش کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف عاقب سرگاڻي، رمضان سرگاڻي، دلاور سرگاڻي، فريد سرگاڻي ۽ عقيل سرگاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button