سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪرونا دوران ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڪرونا جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن پنهنجي مستقليءَ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽرن ظفر علي تونيو، ڊاڪٽر احسان علي بگٽي، ڊاڪٽر معين علي، ڊاڪٽر اسامه سومرو، ڊاڪٽر صنم شيخ، ڊاڪٽر ڪنول شاهه، ڊاڪٽر حاجره، ڊاڪٽر انعم، ڊاڪٽر زليخان عباسي ۽ ٻين چيو ته صحت کاتي 2019ع دوران اسان کي ڪرونا وائرس سان منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪيوو ٻن سالن تائين اسان ڪرونا سان جنگ وڙهي پنهنجون حياتيون خطري ۾ وجهي ڊيوٽي ڪئي ۽ سنڌ حڪومت مستقل ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي پر هن وقت تائين مستقل ٿي نه سگهيا آهيون. هنن پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مستقل ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button