پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف وڪيلن جي زبردست ريلي، ڌرڻو

مٺي: مٺي ۾ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف وڪيل برادري روڊن تي نڪري آئي، عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ ٿرپارڪر بار ايسوسئيشن جي سڏ تي ڪيترن ئي وڪيلن غلام مصطفى هنڱورجو، جاويد اختر بجير، رائسنگهه سوڍو، هيمراج ڀيل، سڪندر ڪولاچي، شوڪت راهمون، ممتاز جروار، غفار ناريجو، ظھير نهڙيو، شبير مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مائي ڀاڳي چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. قانوندانن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن توڙي واپارين ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر ڪرڻ ۽ ڪارونجهر کي ليز تي ڏيڻ توڙي پٿر جي ڪٽائي تي هميشه پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ ايس ٽي پي جي ضلعي صدر گهنشام مالهي، قومي عوامي تحريڪ جي شاهنواز هنڱورجو، عوامي تحريڪ جي سائينداد هنڱورجو، جماعت اسلامي سبحان سميجو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ واپاري ايسوسيئيشن مٺي جي اڳواڻن ڪمليش، بهادر سنگهه، ڪمل لهاڻو، اسلم قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر اسان جو تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ قومي ورثو آھي، جنهن جي بقا لا سخت مزاحمت ۽ قانوني ويڙھه ڪئي ويندي. هنن چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي مٿي جو جهومر آھي، جنهن خلاف سموريون حڪومتي سازشون مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين، ڪارونجهر جي ڪٽائي لکين ٿري ماڻهن جي لاشن کي لتاڙي ڪري سگهجي ٿي، هڪ به ٿري زندهه آھي، تيستائين ڪارونجهر کي بچائڻ لا مزاحمت ٿيندي. هنن چيو ته ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر ڪري قومي ورثو قرار ڏنو وڃي ۽ تفريح ماڳ ٺاهي اتي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، سنڌ جا حڪمران ويڪائو ۽ ڪميشن مافيا آھن، جيڪي اسان جي وسيلن ۽ ثقافتي قديمي ورثن کي ڳجهن جيان خونخوار نظرن سان ڏسن ٿا. هنن واضع ڪيو ته پارڪر جو سڄو پهاڙي سلسلو ڪارونجهر جو حصو ۽ انجي جسم جا عضوا آھن، ڪارونجهر جي پٿر پٿر جي حفاظت ڪنداسين، ويڪائو حڪمرانن جو اهڙو حشر ٿيندو جو دنيا کين عبرت ۽ حيرت سان ياد ڪندي. هنن گهر ڪئي ته اسيمبلي مان قانون پاس ڪري ڪارونجهر جي ڪٽائي تي هميشه پابندي لڳائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button