اسلام آباد :قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023 ٻن اضافي ترميمن سان منظور ڪيو ويو. بل ۾ ڊس انفارميشن نشر نه ڪرڻ جو شرط شامل ڪيو ويو آهي. بل جي نئين شق تحت ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 10 لک ۽ سنگين ڀڃڪڙي تي هڪ ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ هڻي سگهجي ٿو. بل موجب براڊ ڪاسٽرز لا شفاف ۽ اڻ ڌري ريٽنگ ۽ اها خاطري لازمي قرار ڏني وئي آهي ته ڪا به ڊس انفارميشن آن ائير نه ٿيڻ گهرجي. ڊس انفارميشن جو مطلب ڄاڻي واڻي غلط خبر ڏيڻ آهي. متاثر شخص جو موقف به اهڙي ريت وٺڻو پوندو. آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ ڀڃڪڙي هن بل تحت سنگين ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي. جڏهن ته ٽريڊ آرگنائيزيشن ترميمي بل 2023 پيش ڪرڻ جي رٿ اڪثريت راءِ سان رد ڪئي وئي. ان کانسوا وڌيڪ ڪيترائي بل منظور ڪيا ويا. اربع تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ مريم اورنگزيب پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2023 پيش ڪيو، جيڪو اضافي ترميمن سان قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو. ان کان سواءِ قومي اسيمبلي پريس ڪائونسل آف پاڪستان ترميمي بل 2023 به منظور ڪري ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close