سنڌ

پنڪ بس عورتون هلائينديون،تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت هڪ اهم قدم کڻندي عورتن کي سفر دوران تحفظ ۽ سھولت واري احساس کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ پنڪ بس سروس لاءِ عورت ڊرائيورن جي تربيت جو پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل مطابق ڪالهه اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ايس ايم ٽي اي) جي ڏھين بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس دوران بورڊ جي نائين اجلاس ۾ ٿيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پيپلز بس سروس لاءِ سبسڊي ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ھڪ ذڪر جوڳي قدم طور، ايس ايم ٽي اي بورڊ جي اجلاس ۾ پنڪ بسن لاءِ عورت ڊرائيورن جي ٽريننگ جو پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، فيصلي تحت عورت ڊرائيورز عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بسون ھلائينديون، جنھن سان عورتن کي سفر دوران تحفظ ۽ سھولت واري احساس کي ھٿي ملندي. ايس ايم ٽي اي بورڊ اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي ٻئي مرحلي ۽ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان فزيبلٽي اڀياس ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويو. پيپلز بس سروس جي ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 500 بسون پيپلز بس سروس ۾ شامل ڪيون وينديون، جڏھن ته ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسيون پڻ متعارف ڪرايون وينديون. اجلاس دوران ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ اڳڀرائي کي به غور ھيٺ آندو ويو. سنڌ سرڪار جو مقصد ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ وارو عمل تيز ڪرڻ آھي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگھجي ته عوام اُن جديد ٽرانسپورٽيشن واري نظام مان لاڀ ماڻي سگھي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ايس ايم ٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما، پي اينڊ ڊي جي نمائندي سڪندر شيخ، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او طفيل پليجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اُن ڳالهھ تي زور ڀريو ته عورتن کي سمورن شعبن ۾ بااختيار بڻائڻ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آھي، عورت بس ڊرائيورن جي شموليت سان نه رڳو صنفي اڻبرابري کي ھٿي ملندي پر عورتن جي سفر دوران تحفظ واري احساس کي به تقويت ملندي. ھن چيو تھ پيپلز بس سروس جي ٻئي مرحلي جي نفاذ سان ماڻھن جي سفري مسئلن ۾ نمايان گھٽتائي ايندي، جنھن سان عوام کي رليف ۽ سھولتون ملنديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ سان نه رڳو ماحولياتي اثر ھاڪاري ٿيندا پر روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. ھن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ وارو عمل تيز ڪرڻ وارو سنڌ حڪومت جو عزم عوامي چرپر کي بھتر بڻائڻ ۽ شھرين جي زندگي جي معيار کي بھتر بڻائڻ لاءِ اُن جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button