اسلام آبادپاڪستان

اميد آهي ته انورالحق ڪاڪڙ شفاف ۽ اڻ ڌرين چونڊن جو اهتمام ڪندو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ضمير ۽ دلي اطمينان سان واپس وڃي رهيا آهيون، ملڪ جون واڳون نگران حڪومت جي حُوالي ڪري رهيو آهيان. اميد آهي ته انورالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ اڻ ڌرين چونڊن جو اهتمام ڪندو. ڪالهه قوم کي الوداعي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته رڪارڊ شاهدي ڏيندو ته ٿوري وقت ۾ پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، پاڪستان جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بدترين طوفان مان بچايو. اڳوڻي حڪومت جي جن زنجيرن ۾ پاڪستان کي جڪڙيو ويو هو وطن کي انهن کان آزاد ڪرايو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان رڳو ماضي جي اونداهي ختم ناهي ڪئي پر روشن مستقبل جا چراغ به روشن ڪيو پيا وڃون، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي ايندڙ حڪومت لاءِ بارودي سرنگون وڇايون، وطن دشمن پاڪستان اهي منظر ڏسڻ چاهين پيا جيڪي دنيا سريلنڪا ۾ ڏٺا هئا، پر وطمن دشمنن جون سڀ سازشون هڪ هڪ ڪري ناڪام ٿي ويون، مهانگائي ٿيڻ تي شين جي کوٽ ناهي ٿي. هن چيو ته 9 مئي تي منصوبابندي تحت سرڪاري عمارتن کي ساڙيو ويو، فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، 9 مئي جو ڏينهن قوم ڪڏهن به نه وساري سگھندي، قوم کي پنهنجن شهيدن ۽ غازين تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته اسان آئين جي رستي سان اقتدار ۾ آيا هئاسين، انهيءَ رستي سان وڃي رهيا آهيون، اميد آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ شفاف ۽ اڻ ڌرين چونڊن کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم شهبازشريف انورالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ شهبازشريف چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ سٺي ڳالهه آهي آئيني طور طريقي تي هلندي هڪ سٺي نالي تي اتفاق ٿيو. دعاگو آهيان ته نگران وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا عوام ۽ آئين جي اميدن تي پورو لهن. شهبازشريف چيو ته راجا رياض جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جنهن صلاح مشوري ۾ مدد ڪئي. انورالحق ڪاڪڙ پڙهيل لکيل ۽ محب وطن شخص آهي، سمورين پارٽين پاران انورالحق ڪاڪڙ جي نالي تي اعتماد اسان جي صحيح چونڊ جي علامت آهي. وزيراعظم چيو ته 16 مهينن ۾ اسان ملڪ کي جيڪو معاشي استحڪام ڏياريو اميد آهي ته ان جو تسلسل جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button