اسلام آبادپاڪستان

پارليامينٽ ۾ 5 سالن ۾ 322 قانون ۽ 152 ٺهرا منظور ڪيا ويا:فافن رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) غير سرڪاري تنظيم فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) ملڪ جي 15 هين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.فن جي رپورٽ موجب معاشي، سياسي، عدالتي ۽ آئيني بحران باوجود اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ برداشت ڪيو ۽ قانون سازي ۾ اڳوڻين ٽن اسيمبلين کان به اڳتي نڪري وئي. فافن موجب قومي اسيمبلي اڳوڻي اسيمبلي جي 205 قانونن جي ڀيٽ ۾ 322 قانون پاس ڪيا، قومي اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي، اتحادي حڪومت جي 16 مهينن ۾ 54 سيڪڙو قانون پاس ڪيا ويا. قومي اسيمبلي جي 442 ڏينهن ۾ 52 اجلاسن ۾ 1310 ڪلاڪ 47 منٽ ڪم ڪيو ويو، اسد قيصر 40 ۽ قاسم سوري 37 سيڪڙو، راجا پرويز اشرف 53 ۽ زاهد اڪرم دراني 29 سيڪڙو اجلاس جي صدارت ڪئي. جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بطور وزيراعظم 9 سيڪڙو ۽ شهباز شريف 17 سيڪڙو اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان شهباز شريف 27 ۽ راجا رياض 40 سيڪڙو اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ حاضري جي شرح پهرين سال ۾ 73 سيڪڙو رهي، قومي اسيمبلي جي آخري سال جي اجلاسن ۾ حاضري جي شرح گهٽجي 34 سيڪڙو ٿي وئي. اجلاس ۾ 131 ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران 74 مظاهرا ڪيا ويا، اڪثر ترميمي بل اعليٰ تعليم ۽ تحقيق سان لاڳاپيل هئا. معيشت، واپار، ايف اي ٽي ايف ۽ ٽيڪس معاملن تي قانون سازي ٽئين نمبر تي ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ انصاف بابت به ترجيحي قانون پاس ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ڪجهه ڏوهن ۾ موت جي سزا کي به ختم ڪري ڇڏيو. ان کان سوا پيش ٿيڻ واري ڏينهن يا 3 ڏينهن اندر 58 بل منظور ڪيا ويا، قومي اسيمبلي 152 ٺهراءُ پاس ڪيا، 9 هزار 765 سوال، قومي اسيمبلي ۾ 423 ڌيان ڇڪايو نوٽيس اٿاريو ويو، اسيمبلي جي 7 ميمبرن نه ته ڪو ايجنڊا پيش ڪيو ۽ نه ئي بحث ۾ حصو ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button