
مٺي: مٺي سميت ٿرپارڪر ضلعي ۾ جشن آزادي ڏهاڙي تي رنگا رنگي تقريبون منعقد ڪيون ويون. مٺي ۾ مک تقريب ۾ مٺي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمن ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي، ايس ايس پي ٿرپارڪر زاهده پروين ڄامڙو ۽ ٻين صادق فقير چوڪ تي قومي جهنڊي جي پرچم ڪشائي ۽ سلامي جي رسم ادا ڪئي، جنهن بعد جشن آزادي جو تقريبون شروع ٿي ويون، تقريب ۾ شھرين، واپارين، استادن ۽ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. شاگردن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. هوڏانهن سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن مان شاگردن ريليون ڪڍي شھر جو گشت ڪيو، اسڪولن ۾ پڻ ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون. ٻئي پاسي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين سياح پڻ آزادي ڏهاڙي تي ٿر پهچي ويا ۽ مٺي جي گڍي ڀٽ سميت ننگرپارڪر جو ڪارونجهر جبل، ڪاسبو، نئون ڪوٽ قلعو، مارئي جو ڳوٺ ڀالوا ۽ ٻيا تفريح ماڳ سياحن جي توجه ۽ دلچسپي جو مرڪز بڻيل رهيا. مٺي جي گڍي ڀٽ تي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، ايس ايس پي زاهده پروين، ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر منوج ملاڻي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.