پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ سياحن جي گاڏي ڪلٽي، حيدرآباد واسي نوجوان فوت

ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ سياحن جي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد واسي نوجوان فوت ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ٿر گهمڻ آيل سياحن جي گاڏي ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ ڀونهار وٽ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد جو رهواسي 35 سالن جو نوجوان رضوان پٽ رمضان ملڪ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، حادثي ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين مان شهريار پٽ شاهد جو واسطو حيدرآباد ۽ ٽن جو ڇاڇرو جي ڳوٺ ڍاڪلو سان آهي، حادثي ۾ زخمي سياحن ۽ فوت ٿيل نوجوان جو لاش اسپتال آندو ويو، ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش حيدرآباد روانو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button