پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ سوزوڪي ڪلٽي، ڪڙيو گهنور واسي فوت

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ننگرپارڪر روڊ تي گڙهو ترائي وٽ سوزوڪي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب گاڏي ۾ سوار بدين ضلعي جي شهر ڪڙيو گهنور واسي نوجوان رمضان پٽ لکي شيدي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 12 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شريف پٽ لکي، خمون پٽ بابو، جمن پٽ آري شيدي، پرڪاش ڪولهي، امتياز، فراز، سومار، نورالدين، ستار، غلام مصطفى، سهيل ۽ فرحان شيدي شامل آهن، زخمين ۽ فوتي جو لاش اسلام ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان فوتي جو لاش گهر اماڻيو ويو. چيو وڃي ٿو ته تيز رفتاري دوران ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري سوزوڪي ڪلٽي ٿي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button