پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ سياحن جي وڏي رش، روڊ حادثي ۾ ور شهر جو نوجوان فوت

مٺي: ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جشن آزادي جي ڏينهن لکين سياح ٿر پهچي ويا، ٿر جي رستن تي وڏي رش سبب روڊ حادثي ۾ غلام الله ور شهر جو نوجوان فوت ٿي ويو. ٿر جي تفريحي ماڳن تي سياحن جي آمد سبب جشن ۽ ميلي جو سماع آھي. ٿر جي اهم پڪنڪ پوائنٽ مٺي جي گڍي ڀٽ سميت ننگرپارڪر جو ڪارونجهر جبل، ڪاسبو ۽ ڪجلاسر، مارئي جو ڳوٺ ڀالوا۔، گوڙي مندر، ڀوڏيسر، نئون ڪوٽ قلعو، نيڻورام جو آشرم، چيلهار جي راڻاسر ترائي، ٻگهار، پاٻوهر جون ترايون ۽ ٻيا تفريحي ماڳ سياحن جي اچ وڃ سان گڏ تفريحي لا توجه جا مرڪز بڻيل آھن، جتي قومي گيتن تي رقص سان جشن ۽ ميلي جو سماع آھي. ٻئي طرف رستن تي رش ۽ گاڏين جي تيز رفتاري سبب ڪيترائي روڊ حادثا پيش آيا آھن، مٺي کان اسلام ڪوٽ روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ غلام الله ور جو رهواسي عبداللطيف ڪهيو فوت ٿي ويو، ساڳي موٽرسائيڪل تي سوار فوتي جا 2 دوست راشد ۽ گلزار بلوچ شديد زخمي ٿي پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button