پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ بااثر ماڻهن خلاف عورتن جو ڌرڻو، گهر ڊاهڻ جو الزام

مٺي: مٺي ۾ ڇاڇرو جي ڳوٺ تڙدوس مان بااثر ماڻهن پاران گهر ڊاهي زبردستي دخل ڪيل ڀيل برادري جي متاثر مردن عورتن ۽ ٻارن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ڀيل برادري جي عورتن ۽ پورهيتن دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر علي اڪبر راهمون، شيرو راهمون ۽ ٻين اسان کي سخت مارڪٽ ڪري گهرن مان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي، اسان 20 ڏينهن مٺي ۾ کليل آسمان هيٺ ٻارن سميت بي يارومددگار ويٺل آھيون. اسان جا ڳوٺ ۾ سوين سالن جا ماروثي گهر، زمين ۽ پاڻي جا کوهه آھن، پر بااثر ماڻهن انهن تي قبضو ڪري اسان کي بيدخل ڪيو آهي ۽ گهرن مان سامان به ڪڍڻ نه ڏنو، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، اسان دربدر آھيون. هنن چيو ته اسان جي 4 مائٽن کي پوليس هٿان پڪڙائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آھي، بااثرن کي حڪومت ۽ انتظاميا جي پٺڀرائي حاصل آھي، ان ڪري اسان جي ڪير به داد فرياد نٿو ٻڌي ۽ اسان علائقي جي معززن وٽ دانهون کڻي وياسين، پر اهي بااثرن کي ڪجهه چوڻ کان لنوائي رهيا آھن، اسان جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آھيم هڪ پاسي بلاول ڀٽو زرداري بي گهر پورهيتن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جا اعلان پيو ڪري ته ٻئي طرف سندس حڪومت ۾ اسان مسڪين پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آھن. اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن اسٽنٽ ڪمشنر مٺي سنجي ترڪيو ۽ ڊي ايس پي مٺي يونس بلوچ ڌرڻي واري هنڌ پهچي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button