پاڪستانسنڌ

صحافي جان محمد مهر مٽي ما حوالي، قتل خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا

أحيدرآباد: سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي چڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد پير يوسف علي قبرستان ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. شهيد صحافي جي جنازي ۾ سينئر صحافي نياز پنهور، احسان لاشاري، سرڪش سڌايو، عظمت ڪنڀر، نثار کوکر، تاج رند، غازي جهنڊير، سلطان رند، امداد بوزدار، ساحل جوڳي، امداد ڦلپوٽو سميت سوين صحافين شرڪت ڪئي. جڏهن ته مختلف سياسي سماجي اڳواڻن عارف خان مهر، بابل ڀيو، ارسلان شيخ، ذوالفقار ڪماريو، عمران مهر، انور چاچڙ ۽ جهانگير مهر سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻئي طرف صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف حيدرآباد ۾ جاني خاصخيلي، تنوير احمد آرائين، ارشاد چنا، ٺٽي ۾ خدا بخش بروھي، اقبال جاکرو، ميھڙ ۾ جاويد سومرو، عامر تيوڻو، دادو ۾ ولي محمد لنڊ، گلڻ ڀنڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ رمضان شورو، قادر شورو، بدين ۾ حاجي خالد محمود گھمڻ، لالا ھارون گوپانگ، ڄامشورو ۾ لطيف شورو، ڌڻي بخش باريجو، ڀان سعيد آباد ۾ مظفر کوکر، آدم مينگل، ٽنڊوالھيار ۾ غلام رسول نھڙيو، امان الله کوکر، ڀٽ شاهھ ۾ رجب بوزدار، علي قاسم، نوابشاھه ۾ مشرف ڀٽي، امير چانڊيو، مٺي ۾ ممتاز نهڙيو، کاٽائو جاني، ڇاڇرو ۾ رمضان نهڙي، ممتاز راهمون، سامارو ۾ خان محمد خاصخيلي، تلڇو ميگھواڙ، ڍورونارو ۾ فيض محموداڻي، عارف قريشي، سنڌڙي ۾ اسد شر، منظور احمد شر، عثمان شاهه هڙي ۾ هوت مراد بلوچ، ٽنڊوآدم ۾ امداد راهي، شهدادڪوٽ سڪندر لغاري، فدا ڀٽي، قمبر ۾ نور احمد کوسو، رحيم منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين پريس ڪلبن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي احتجاجي مظاهرا ڪيا. هنن چيو ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سکر جي نااهل پوليس شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي، جنهن ڪري قتل بابت جي آءِ ٽي جوڙي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. جڏهن ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لا ڌاٻيجي، چوهڙ جمالي، سيوهڻ، ٽنڊوڄام، ڀٽ شاهه، مسو ڀرڳڙي، کور واهه، سيراڻي، ماتلي، نئون دمبالو، ڪڙيو گهنور، ٽنڊوباگو، دولتپورصفن، جروار، پڊعيدن، مورو، ٺاروشاھه، فقير آباد، ميرپورماٿيلو، اٺھٺ موري، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، باقراڻي، ڪي اين شاهھ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button