اسلام آبادپاڪستان

انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي اٺين نگران وزيراعظم طور قسم کڻي ورتو

اسلام آباد: انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي اٺًين نگران وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. نگران وزيراعظم جي حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ڪالهه ايوان صدر ۾ ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انوارالحق ڪاڪڙ کان نگران وزيراعظم جي عهدي جو حلف ورتو. انوار الحق ڪاڪڙ پاڪستان جو اٺون نگران وزيراعظم بڻجي ويو. حلف برداري جي تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت گورنر پنجاب بليغ الرحمان، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ پي ٽي آءِ جي سينيٽر شهزاد وسيم سميت ٻين صوبائي گورنرن، وڏن وزيرن، اڳوڻن وزيرن، سياسي اڳواڻن، پاڪستان ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر آئين جي آرٽيڪل 224 (ون اي) تحت ڇنڇر ڏينهن انوارالحق ڪاڪڙ جي بطور نگران وزيراعظم مقرري جي منظوري ڏني هئي.

هوڏانهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حلف کڻڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس پهچي ويو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي آفيسرن ۽ عملي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ميڊيا ونگ موجب نگران وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ مقرر عملي جو تعارف ڪرايو ويو. ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم نامزد ٿيڻ کانپوءِ غيرجانبداري واري پنهنجي اصولي موقف تحت سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني آهي. نوٽيفڪيشن مطابق سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سندس استعيفيٰ قبول ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ آئين جي آرٽيڪل 64 جي شق (1) تحت 14 آگسٽ 2023ع کان سينيٽ جي هي سيٽ خالي هوندي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزارت عظميٰ جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سمورين وزارتن کان اهم معاملن تي بريفنگ طلب ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته نامزد نگران وزراعظم گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي ميمبرشپ تان استعيفى ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، هي پارٽي 2018 ۾ قائم ٿي هئي. نوار الحق ڪاڪڙ 1971ع ۾ مسلم باغ قلعه سيف الله بلوچستان ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم سينٽ فرانسس گرامر اسڪول ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ داخلا ورتي، والد جي وفات کان پوءِ واپس ڪوئيٽا آيو. انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۽ سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پنهنجي اباڻي اسڪول ۾ پڙهائڻ سان ڪئي. انوار الحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ ڪوئيٽا مان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ کيس ڪاميابي نه ملي ۽ هو 2013ع ۾ بلوچستان حڪومت جو ترجمان بڻيو. 2008ع ۾ انوار الحق ڪاڪڙ کي بلوچستان عوامي پارٽي جو مرڪزي ترجمان مقرر ڪيو ويو ۽ هو مارچ 2018ع ۾ بلوچستان مان آزاد سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. انوار الحق ڪاڪڙ 2018ع ۾ سينيٽ ۾ قائم ٿيل بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر جو ڪردار به ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button