پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ آزادي جو ڀرپور جشن، ريليون، قومي جهنڊن ۽ گيتن جي بهار

حيدرآباد ۾ 14 آگسٽ تي مختلف سرڪاري ادارن طرفان تقريبون ڪوٺايون ويون، جشن آزادي جون ريليون پڻ ڪڍيون ويون، هر پاسي قومي جهنڊن جي بهار اچي وئي. ملڪ جي 76 هين آزادي ڏهاڙي تي مک تقريب حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ ٿي، ساڳئي وقت جشن آزادي جي موقعي تي مختلف سرڪاري آفيسن، اسڪولن ۽ عمارتن تي قومي جهنڊو لڳائي تقريبون ڪُوٺايون ويون، مک تقريب جي موقعي تي سرڪٽ هائوس ۾ صبح سوير جهنڊو ڦڙڪائي قومي ترانو ڳائي تقريب شروع ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ سرڪٽ هائوس ۾ جشن آزادي جي مک تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي هر صورت ۾ پاڪستاني ٿيڻو آهي جنهن لاءِ اسان سڀني کي پاڪستاني مصنوعات ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي.ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه چيو ته علي ڳڙهه تحريڪ آزادي تحريڪ جي بنياد هئي، قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي متحد ڪري اسان کي پاڪستان ڏنو اسان سڀني کي گڏجي علم جي شمع کي روشن ڪرڻو آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومري چيو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان آراستا ڪري ئي اسين ترقي يافتا معاشري جي جوڙجڪ ڪري سگهون ٿا. ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آئي جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ سرڪٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو ويو. ان کان اڳ جشن آزادي جي مک تقريب جو افتتاح صبح 8 وڳي سائرن وڄائي قومي تراني بعد ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، ڊي آئي جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سان گڏ جهنڊو ڦڙڪائي ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس بينڊ پاران خاص مهمانن کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو، تقريب دوران مختلف اسڪولن جي ٻارڙن تقريرون ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. ٻئي طرف حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۾ ڌار ڌار تقريبون منعقد ڪيون ويون، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين جشن آزادي جي مناسبت سان تقريرون، ملي نغما، ميجڪ شو ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. ضلعي انتظاميا، پاڪ فوج ۽ حيدرآباد پوليس طرفان جشن آزادي تي پوليس هيڊڪواٽرز ۾ ڪرڪيٽ مئچ رکيو، ساڳئي وقت راڻي باغ ۾ پاڪ فوج ۽ ضلعي انتظاميا طرفان فيملي فيسٽيول ڪرايو ويو، جتي خاص مهمان ميجر جنرل ڪمانڊنگ حيدرآباد محمد حسين هو. هوڏانهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جشن آزادي جي موقعي تي مختلف سماجي ۽ مذهبي تنظيمن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. پاڪستان محافظ لورز فورم حيدرآباد، حيدرآباد انڊس لائينز ڪلب، متحده اتحاد عباسيه انٽرنيشنل ۽ ٻين تنظيمن جشن آزادي جي موقعي تي ريليون ڪڍي جشن ملهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button