پاڪستانسنڌ

سنڌ جي نگران وڏ وزارت لاءِ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ٿي ويو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هوندو. سنڌ جي نگران وڏي وزير جي نالي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ آخرڪار صوبي جي نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب جسٽس (ر) مقبول باقر جو نالو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پيش ڪيو، ايم ڪيو ايم جي مخالف ڌر اڳواڻ رعنا انصار گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي صلاح تي جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هوندو ۽ هو اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. ان کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ راڻا انصار سنڌ ۾ نگران وڏي وزير جي مقرري تي مشاورت لاءِ وزيراعليٰ هائوس پهتي هئي، حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اڄ نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿئي ها ته معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن وڃي ها. وزيراعليٰ هائوس ۾ مراد علي شاهه ۽ رعنا انصار وچ ۾ ملاقات دوران ناصر شاهه، مڪيش چاولا ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا. ذريعن موجب نگران وڏي وزير جو نالو فائنل ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اهم معاملي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان مشاورت ڪئي هئي.

ياد رهي ته نگران سيٽ اپ تي مشاورت جي حوالي سان ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار وچ ۾ ملاقات ٿي هئي پر اها ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي. مراد علي شاهه ۽ رعنا انصار جي گذريل ڏينهن ملاقات جي حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان نگران وڏي وزير لاءِ ڪي به باضابطا نالا پيش نه ڪيا ويا. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻنهي طرفن غير رسمي طور تي مختلف نالن تي غور ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button