سنڌ

قاسم آباد ۾ هنگامو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪيس داخل،5 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملدار علي رضا شورو، انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس جي مدد سان عدالت جي حڪم تي علمدار چوڪ وٽ قائم مڪينڪ دڪانن اڳيان حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ته دڪاندارن فورس خلاف ٻاهر نڪري سندن مٿان پٿرا ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي 5 دڪاندارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو هو. ان ڏس ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي تي قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جي ڪلارڪ ياسمين جي فرياد تي 5 دڪاندارن خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ دڪاندار شايان، عرفان، فيصل آرائين، بسام ۽ فيصل عباسي کي نامزد ڪيو ويو. جوابدارن کي ڀٽائي نگر پوليس ڪالهه ئي گرفتار ڪري ورتو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button