سنڌ

سرداري ۽ جاگيرداري نظام انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي:اياز پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پ پ حڪومت ڪرپشن، اقربا پروري، زمينن تي قبضن، غريب عوام سان ظلم ۽ وسيلن جي نيلامي کي جمهوريت جو نالو ڏنو آھي. سرداري ۽ جاگيرداري نظام بنيادي انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي. ظالم سردار ۽ جاگيردار تعليم آڏو رڪاوٽ آھن. اسڪولن کي اوطاقون، مال جو وٿاڻ ۽ ڀانڊا بنايو ويو آھي. قبيلائي نظام ۾ روڊ، ڊرينيج، واٽر سپلائي ۽ ٻيون سھولتون نٿيون ڏنيون وڃن. وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مرضي جي خلاف روڊ نٿا ٺھن، اسڪولن ۾ استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن. عوام جي دولت کي حصا پتي ڪري لٽيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي عوام دشمن سردارن ۽ جاگيردارن جي سرپرست بنيل آھي، جنھنڪري 14 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ ترقي، امن ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڃڻ بدران پٺتي وئي آھي. معصوم پريا، عمران جوکيو ۽ فضيلا سرڪي اغوا آھن. وارثن ۽ عام ماڻھن جي وڏن احتجاجن باوجود معصوم نياڻيون ۽ نوجوان بازياب نٿا ڪرايا وڃن. ناظم جوکيو، فھميده سيال، دودو ڀيل، عثمان سومرو، قرت العين ۽ ٻين خونن سان انصاف مشڪل بنجي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button