سنڌ

نمرتا ۽ نائلا رند سان انصاف ٿئي ها ته نوشين جو لاش نه ملي ها:عوامي تحريڪ

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ مٺا خان لاشاري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان ذهين شاگردياڻي سيده نوشين ڪاظمي جو لاش هٿ اچڻ لڱ ڪانڊاريندڙ افسوسناڪ واقعو آهي، نمرتا ۽ نائلا رند جهڙين شاگردياڻين سان انصاف ٿئي ها ته نوشين جو لاش نه ملي ها. اڳواڻن چيو ته اڳ ۾ ئي نياڻين لاءِ تعليم جا دروازا بند آهن، جاگيرداري ۽ قبائلي نظام سان مقابلو ڪري ڪجهه نياڻيون اعلى تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿيون ته مختلف هٿڪنڊن ذريعي انهن کي تعليم کان روڪيو وڃي ٿو. 2 سال اڳ ساڳئي هاسٽل مان نمرتا جو لاش مليو پر ان کان پوءِ نه نمرتا سان انصاف ٿيو ۽ نه ئي وري هاسٽل کي نياڻين لاءِ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪاليج انتظاميه ڪي بندوبست ڪيا. اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار کان انصاف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي، جيڪا سرڪار ايپيڪس ڪميٽي ۾ فيصلو ڪري ٿي ته تڪرارن جا جرڳا وڏيرا، جاگيردار ۽ قبائلي سردار ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button