سنڌ

غريب عوام جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون:اياز شاهه شيرازي

پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جاتي ۾ 2010ع جي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل جاتي – چوھڙ جمالي روڊ ۽ ناگڻ ڍورو سم نالي جي زبون حال پل جو جائزو ورتو. ان دوران ڀر وارن ڳوٺاڻن سيد اڪبر شاهه، کمون ملاح، خانو ملاح ۽ ٻين دانھيو ته 2010 ۾ مھا ٻوڏ دوران گھارن سبب روڊ ۽ پل تباهه ٿي ويا. جنھن تي اياز شاهه شيرازي رھواسين کي خاطري ڪرائي ته ناگڻ ڍورو پل ۽ روڊ جي مرمت جو ڪم جلد شروع ڪرايو ويندو. هوڏانهن اياز علي شاهه شيرازي کي درگاهه جلال شاهه ڍير واري لڳ وڏيري صديق ملاح جي ڳوٺ ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي هن چيو ته اسان سجاول جي ھر ڳوٺ ۾ پھچي غريب عوام جا مسئلا ٻڌي حل ڪري رھيا آھيون. ضلعي ۾ صحت جي سھولتن لا سيد اعجاز شاهه شيرازي ڊائلاسز سينٽر قائم ڪرايو آھي. ڳوٺن کي روڊ ڏئي رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button