سنڌ

پورهيتن کي گهٽ اجرت ڏيڻ تان فيڪٽري مالڪ ۽ مئنيجر 6 مهينا قيد

حيدرآباد ۾ ليبر ڪورٽ پورهيتن کي حڪومت طرفان مقرر ڪيل اجرت نه ڏيڻ تي فارماسوٽيڪل دوائن جي فيڪٽري جي مالڪ ۽ مئنيجر کي 6 ميهنن جي قيد جي سزا ٻڌائيندي هٿڪڙيون هڻي جيل موڪلي ڇڏيو. خبر موجب حيدرآباد جي ليبر ڪورٽ ۾ حيدرآباد جي سائيٽ ايريا ۾ قائم الڪيمي فارماسوٽيڪل ڪمپني خلاف ليبر کاتي جي انسپيڪٽر منصور درخواست داخل ڪرائي هئي ته حڪومت طرفان اعلانيل اجرت نه پئي ڏني وڃي، گهٽ اجرت تي ڪم ورتو ويندو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه گهٽ اجرت ڏيڻ تي عدالت فيڪٽري جي مالڪ فراز احمد شيخ ۽ مئنيجر عدنان آرائين کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 6 مهينا قيد ۽ 50، 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، سزا ٻڌائڻ بعد پوليس کي طلب ڪري مالڪ ۽ مئنيجر کي عدالت مان هٿڪڙيون هڻي گرفتار ڪري سينٽرل جيل موڪليو ويو. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button