سنڌ

نصيرآباد شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

نصيرآباد شهر اندر وڌندڙ بدامني خلاف سماجي تنظيم ڪبوا پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. گذريل رات ڪاٺيا محلي مان نور ابڙو جي دڪان جا تالا ٽوڙي چوري جِي واردات ڪئي وئي. جنهن خلاف نصيرآباد جِي سماجي تنظيم ڪبوا جي صدر راجا ريحان لاشاري، شهري اتحاد جي صدر ڪامريڊ سينگار نوناري، حسين مڪه ۽ ٻين جِي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ شهري اتحاد نصيرآباد جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، نور ابڙو جِي چوري سميت شھر جون سموريون چوريون واپس ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button