سنڌ

چڪ ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور چيڀاٽجي فوت

چڪ ويجهو يوسف پل چيڪ پوسٽ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. چڪ ويجهو يوسف پل چيڪ پوسٽ وٽ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن ۾ قبو جامي واسي ڊرائيور ذوالفقار پٽ محمد دائم انڍڙ دٻجي ويو، يوسف پل چيڪ پوسٽ تي موجود پوليس اهلڪارن ۽ ڳوٺاڻن پهچي نوجوان ڊرائيور کي ڪڍي سکر اسپتال پهچايو، جتي نوجوان زخمن جا سور نہ سهندي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. لاش ڳوٺ قبو جامي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button